شاھ عبداللطيف ڀٽائي
شاهہ عبداللطيف ڀٽائي | |
---|---|
ڀٽ شاهه، ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مجسمو | |
تاريخ پيدائش | نومبر 18، 1689ع سُئي ڪنڌر (ڀٽ شاھ) هالا، سنڌ |
تاريخ وفات | يڪم جنوري 1752ع (63 سال) ڀٽ شاھ، سنڌ |
مؤثر شخصيتون | شاهه عنايت الله مولانا جلال الدين رومي شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو شاهه عنايت رضوي ڪبير داس |
متاثر شخصيتون | سچل سرمست ايلسا قاضي علامه آء آء قاضي نبي بخش بلوچ هوتچند مولچند گربخشاڻي قادر بخش بيدل شيخ اياز مخدوم محمد زمان طالب المولي جي ايم سيد |
روايت | شاعري |
شاھ عبداللطيف ڀٽائي (Shah Abdul Latif Bhittai) سال 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي (هاڻوڪي مٽياري ضلعو) جي تعلقي ٽنڊو آدم (هاڻوڪي هالا تعلقو) جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، هالا حويلي ۾ ڄائو.[1] شاھ عبداللطيف، سيد حبيب شاھه جو پٽ، عبدالقدوس شاھه جو پوٽو ۽ جمال شاھه جو پڙ پوٽو هو. جمال شاھه، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاھ تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس ماءُ ڏيرن فقيرن منجهان هئي.[2] سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي، اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689/1690 - 21 ڊسمبر 1752)، عام طور تي لاکانو لطيف، لطيف گهوٽ، ڀٽائي ۽ ڀٽ جو شاهه جي نالي سان مشهور آهي، هڪ سنڌي صوفي ۽ صوفي شاعر هو، جيڪو پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي مشهور آهي. کيس سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر مڃيو وڃي ٿو.
ڀٽائي هالا حويلي جي هڪ ڪاظمي سيد گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، جنهن جو اصل وطن هرات، افغانستان هو.[3][4][5] شاهه ڀٽائي ڪوٽڙي مغل، هاڻوڪي هالا جي ڀرسان، جي ڀر واري شهر ۾ وڏو ٿيو. اٽڪل 20 سالن جي ڄمار ۾، هن گهر ڇڏي سڄي سنڌ ۽ ڀرپاسي جي سرزمين جو سير ڪيو ۽ ڪيترن صوفين ۽ جوڳين سان ملاقاتون ڪيائين، جن جو اثر سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهي. ٽن سالن کان پوءِ وطن واپس اچي، هن جي شادي هڪ امير خاندان ۾ ٿي، پر ٿوري دير کان پوءِ بيوه ٿي وئي ۽ ٻي شادي نه ڪيائين. سندس پرهيزگاري ۽ روحانيت هڪ وڏي تعداد ۾ پيروڪار ۽ ٿورڙن جي دشمني کي راغب ڪيو. زندگيءَ جا آخري سال ڀٽ (ڀٽ شاهه) ۾ گذاريائين، سال 1752ع ۾ وفات ڪيائين، ان کان پوءِ سالن ۾ سندس قبر مٿان هڪ مقبرو تعمير ڪرايو ويو ۽ مشهور زيارتگاهه بڻجي ويو.
سندس شاعري سندس شاگردن "شاهه جو رسالو" جي نالي سان مرتب ڪيا. اهو پهريون ڀيرو 1866ع ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ڪيترائي اردو ۽ انگريزي ترجما شايع ٿي چڪا آهن. ڀٽائيءَ جي شاعري سنڌ جي ماڻهن ۾ مقبول آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ سندس احترام ڪيو وڃي ٿو.
تعليم ۽ تربيت
شاھ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ اڏيري لعل کان ٻہ ڪوھ پري آهي. شاھ الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاھ امي (اڻ پڙهيل) هو يا نہ تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو هڪ يگانو عالم هو ۽ ڪن جو رايو آهي تہ مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي.
شاھ سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. انهن ڪتابن تي ڪنھن بہ هنڌ ڪجهه بہ لکيل ناهي جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو عبداللطيف جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنھنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو جيتوڻيڪ عبداللطيف اڻ پڙهيل هو تہ بہ ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه جي وفات کان صرف سورنھن سال پوءِ يعني 1786ع ۾ لکيل آهي انھي ڪري ڪي گياني ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿا، حقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو خاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.
شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق
شاهه لطيف تي مختلف اسڪالرن تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪتاب لکيا آهن.[6][7]
شاھ جو عشق
روايت آهي تہ شاھ ويھن ورهن جو ٿيو تہ کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو. ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاھ حبيب ۾ ڪامل ويساھ هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنھنجي گھر ۾ وٺي ويندو هو. هو ارغون هو سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اگهائي ٿي پوندي هئي تہ مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو. هڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پئي اتفاق سان ساڳي وقت شاھ حبيب جي طبيعت بہ ناساز هئي انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاھ، مغل جي دختر جو حسن بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين،
” | جنھن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنھن کي لهر نڪو لوڏو | “ |
اِهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا. پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون. ان کان پوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو تہ تپائي رکيائون جو هو لاچار ٿي اتر طرف ڪجهه مفاصلو پري وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا.
عشق جي ڪلن لڳڻ کان پوءِ شاھ هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي تہ ٽي ڏينهن ساندھ هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تھ چڙهي ويا ۽ رڳو سندس ڪپڙي جو پلاند پئي ڏٺو. قضا سان هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال وڃي شاھ حبيب کي سڻايو. شاھ حبيب اڏامندو اچي ان هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين،
” | لڳي لڳي واءُ ، ويا آنگڙا لٽجي | “ |
شاھ بيخودي جي حالت مان ڇرڪ ڀري اٿيو ٺھ پھ جواب ۾ چيائين،
” | پيئي کڻي پساھ، پسڻ ڪرڻ پرين جي. | “ |
شاھ جو سير ۽ سفر
هڪ ڏينھن شاھ اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي جوڳين جي سنگ م هنگلاج ڏانھن هليو ويو. ڏسجي ٿو تہ هو ساڻن گنجي ٽڪر واري واٽ وٺي ويو هو ۽ سندن صحبت ۾ ٽي ورهيہ سفر ۽ سياحت ۾ رهيو. جوڳين جي صحبت ۾ جيءَ کي انيڪ جفائون ڏنائون. جھاني تجربا پرايائين ۽ اَملھ اتمڪ خزانا هٿ ڪيائين. هنگلاج ڏانھن ويندي ويندي جيڪي هنڌ ۽ مڪان ڏٺائين تن جو ذڪر سسئي وارن سرن سر کاهوڙي، سر رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. هنگلاج کان موٽندي شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اڪري مغلڀين، لکپت، هالار، دوارڪا، پور بندر، جھونا گڙھ گرنار ۽ کنڀات گھميو. ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان بہ رهاڻون ڪيائين. مخدوم معين کي مخدوم تارو بہ چوندا آهن. وطن ڏانهن ورندي جيسلمير ۽ ٿر بہ گهمندو آيو ٿو ڏسجي، سر مارئي ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آهي تہ جيسلمير کان پنج ڪوهہ پري لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي بہ ڏسي آيو هجي سر مومل راڻو اهڙي شاهدي ڏئي ٿو،
” | ساري ڏج سيد چئي، لڊاڻي تان لاءِ. | “ |
ننگر ٺٽي ڏانهن ورندي هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺائين، تہ هي مصرع نهايت درد ناڪ نوع ۾ پيو چوي،
” | هيڪليائي هيل، پوريندس پنھوءَ ڏي. | “ |
پڇڻ تي معلوم ٿيس تہ ھو هڪ جت ھو. ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي فقيرن جي واتان اِها مصرع ٻڌي هيائين. شاھ چيس تہ جي چاهين تہ بيت جون باقي ٻہ مصرعون بہ ٻڌايانءِ انهيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاھ تنهن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس،
” | آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل، | “ |
ٻي مصرع ٻڌندي ئي جت وجد ۾ اچي ويو، ٽين مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو جنھن تي شاھ ٽين مصرع ٻڌايس،
” | ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي پريان جا ماڻ مون. | “ |
شاھ جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ. شاھ جي ارمان ۽ عجب جي هد نہ رهي پوءِ جت کي اتي دفن ڪيائين. انهيءَ جت جي قبر اڃا تائين واٽهرن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي شاهہ اڪثر چوندو هو تہ انهي جت جهڙو درد وارو انسان مون ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي.
شاھ حبيب پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو، ران ڏينھن پيو ڌڻي در کي ٻاڏائيندو هو تہ سندس وري کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوح جي درگاھ تي بہ هر اها دعا پنندو. هڪ ڏينهن اچتو ئي اچتو شاهہ عبداللطيف اچي پنھنجي گهر سهڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيون ورهين جو وڇوڙو هڪ لحظي ۾ لهي ويو.
شاھ جي شادي
شاھ جي گهر موٽي اچڻ کان ستت ئي مٿس شاديءَ جو ٻنڌڻ پيو. جنهن جي ڪارڻ گهڻو وقت بيتاب ٿي جهنگ واديون ۽ رڻ ڦريو هو. تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اها هئي مرزا معل بيگ جي نياڻي. بيبي سيده بيگم جنهن کي شاھ جا مريد پوءِ ادب وچان تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا.
شاھ جي شادي ڪيئن ٿي، سا بہ هڪ حيرت جھڙي ڳالھ آهي. هڪ ڏينھن اتفاق سان ايئن ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رهزن مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي مرزا مغل بيگ جي گھر تي ڪاهي آيا سارو قيمتي سامان ٻهاري ويا. پوءِ مغلن هٿيار بند ماڻهو ساڻ ڪري ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو ۽ اچي شاھ جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اها روئداد ڏسي شاھ سچي نيت سان پنهنجي ۽ پنهنجن ماڻهن جون خدمتون آڇين پر مرزا ان کي حقارت سان ٿوڪاري ڇڏيو شاھ کي انهيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو سندن زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري وئي. مرزا پنهنجي ماڻهن سميت شاهينگن هٿان مارجي ويو. اهو حادثو 1124 هجريءَ مطابق سن 1813ع ۾ پيش آيو. مغلن جي زالن سيدن جو رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئن معافي ورتي. پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي شادي شاھ سان ڪريائون. بيبي ہ هڪ نهايت پاڪ دامن پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت هئي شيخ سعديءَ جو فرمودو آهي،
” | زن نيڪ و ففرزانجه و پارسا ، ڪند مرد درويش را پاشا. | “ |
يعنى نيڪ سياڻي ۽ پارسي عورت فقير مرد کي بہ بادشاھ بنائي ٿي ڇڏي. هن سڳوريءَ صحبت جي شاه کي هڪ روحاني سلطان بڻائي ڇڏيو تہ ڪهڙو عجب!
هوءَ پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آئي هئي جو جلد ئي گذاري ويو.
شاھ جو اولاد
شاھڻکي ڪو اولاد ڪو نہ ٿيو بيبي ہ کي هڪوار اميد واري ٿي هئي. پر ڪهياء ٿي پيس انهيءَ جو ڪارڻ هن ريت ڄاڻايل آهي،
هڪ ڏينھن شاھ پنهنجي هڪ فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو پڇڻ تي معلوم ٿيس تہببيبي ہ کي پلي تي دل ٿي هئي ۽ اهو فقير ڊوڙي وڃي گهڻي پنڌ تان پلو هٿ ڪري آيو هو. اهو حال ڏسي شاهہ چيو تہ اهڙو اولاد ئي گھوريو جو ڄمڻ کان اڳي ئي منھنجي فقيرن کي ٿو رلائي.
شاهہ هميشہ چوندو هو تہ هي فقير ئي منهنجو اولاد آهن جن جون دليون عشق کان گهايل آهن تحقيق درويش جا مريد سندن نوري پت آهن.
شاھ جا آخري ڏينھن ۽ وفات
شاهہ پيءُ جي وفات کان پوءِ رڳو ڏھ ورھيہ زندھ رهيو پيءُ جي گذر ئي کان پوءِ اتالي سميت ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رهيو. سندس هاڪ هينئر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو دهلي جا ٻہ مشھور گويا اَٽل ۽ چنچل بہ اچي سندس خدمت م حاَضر ٿيا. راڳ شاھ جي جان هو. موسيقي يا ڳائڪيءَ جو جو ڪامل ڄاڻو هو پاڻ بہ پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. وفات کان ٿورو اڳ گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. اها ڪافي سر سھڻي جي پھرين داستان کان پوءِ اچي ٿي
” | ڪھڙي منجھ حساب. هئَڻ منهنجو هوت ري لا... | “ |
شاه صفر مھيني جي 14 تاريخ 1165ھ مطابق 1752ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر حضرت محمد صہ ۽ حضرت علي جي عمر جيتري ٿي. يعني 63 ورھ.
شاھ جو عالمي شاعرن ۾ مقام
هن ڀاڱي ۾ ڪنهن به ذريعي سان حوالا ناهين. مهرباني ڪري قابل اعتماد ذريعن وٽان حوالا ڏيو. بغيرحوالا واري مواد کي ڪنهن به وقت وڪيپيڊيا تان ختم ڪري سگهجي ٿو. |
هن ڀاڱو (سيڪشن) جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
اسان جو موجوده دؤر ”بين الاقواميت“ تي نازان آهي، حالانڪہ انهيءَ نظريي جو بنياد، ديني خواه قانوني طور، اڄ کان تقريباً چوڏهن سؤ سال اڳي رکيو ويو. پر انهيءَ هوندي به اسين مسلمانن اڄ به دل جو جان سان پڪا ”قوم پرست“ آهيون. عجب تہ اهو آهي جو خود قرآن کي به ”قومي نظريي“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر معاملي ۾، ”منهنجو“ ۽ ”تنهنجو“ خيال ڪار فرما آهي ۽ انهيءَ ڪري هر ڪو ”پنهنجن“ شاعرن تي فخر ڪري ٿو. اهڙي خيال ۾ ڪو بہ حرج ڪونهي؛ بشرطيڪه ڪو محض ”پنهنجي“ کي چمڪائڻ خاطر ٻئي جي گهٽتائي نه ڪري. در حقيقت صحيح ذوق حسن مفقود آهي، انهيءَ ڪري ئي حسن کي انهيءَ لاءِ نٿو ساراهيو وڃي اهو حسن آهي، پر محض انهيءَ لاءِ ته اهو ”منهنجو“ آهي. تنهنڪري شاهه عبداللطيف متعلق ڪنهن به راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اسان کيس انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽڻ نٿا گهرون، جا اسان جي پنهنجي دل چاهي ٿي؛ مگر ان لاءِ اسان اهي تنقيدي معيار مد نظر رکندا سون جي ٻاهرين غير جانبدار ماڻهو مقرر ڪيا آهن، ۽ جي اڄوڪي ادبي دنيا ۾ مسلم ۽ مروج آهن.
پهريون معيار: اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ڪارلائيل (Carlyle) نظم کي ڇڏ نثر اختيار ڪيو ۽ چيائين: ”جيڪڏهن ويد، انجيل ۽ قرآن بہ نثر ۾ آهن تہ منهنجي لاءِ بہ اهو ئي ڪافي آهي“. نظم نويسن جي استفادي خاطر وڌيڪ هيئن بہ چيائين: جيڪڏهن اوهان جو نظم ڳائڻ جي لائق نہ آهي تہ ان کي ”شعر“ هرگز نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو لکڻ ئي فضول آهي“.
هاڻي اچو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي انهيءَ ڪسوٽي تي پرکيون. پوءِ خواه کڻي اهو شيڪسپيئر (Shakespeare) هجي يا ملٽن (Milton) تائين، ۽ ڏسون ته اهو انهيءَ معيار تي پورو اچي ٿو؟ پر انهيءَ فيصلي کان اڳ اچو ته انهن متعلق جيڪي ڪجهه پاڻمرادو طئي ٿي چڪو آهي، انهيءَ تي غور ڪريون. سوال آهي ته آيا سندن شعر جو هر هڪ مصرعو خود سندن ملڪن ۾ هن کان اڳ ڳائجي چڪو آهي يا نه؟ هن سلسلي ۾ هن سوال کي ته آيا سندن ڪلام هن وقت به ڳائڻ جي لائق آهي يا نه، ڀل کڻي درڪنار ڪجي انهيءَ باري ۾ موجوده نئين روشنيءَ جو مبادا مرڪي چوي: ”پر، سندن سمورو ڪلام ڪو ڳائڻ – جوڳو (Lyrical) نه آهي، پر اهڙن ٻين عنوانن تي مشتمل آهي جن جو ڳائڻ لازمي نه آهي“. هائو، پر اهو دليل ڪار لائيل جي نظريي جي عين مطابق ناهي.
لطيف پنهنجي بيتن کي ڪڏهن بہ هڪ ”ڪارنامو“ ڪري نه ڄاتو، ڇاڪاڻ ته سندس واسطي انهن جي چوڻ ۾ ڪنهن به خاص قسم جي ڪوشش جي ضرورت ئي ڪانه هئي. هن اهي بيت هڪ اهڙي وجداني ڪيفيت ۾ چيا، جنهن ۾ ”ڪوشش“ جي گنجائش ئي ڪانه هئي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو ۽ سندن شعر جو هر هڪ مصرعو، بنا ڪنهن خاص تاڪيد جي ڳائجي رهيو آهي. جن ماڻهن سندن ڪلام کي سمجهيو آهي، خواه اهي ماڻهو جن ان کي ذري جيترو به ڪين سمجهيو آهي، سڀيئي سندس بيتن کي آلاپين پيا. بهر حال سندس شعر ڳائجي پيو ۽ ماڻهن کي ان جي ڳائڻ کان ڪير به موڙي نٿو سگهي. هيءَ حقيقت ڪارلائيل جي نظريي جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ته بيشڪ شعر اهو آهي، جنهن کي هر هڪ ماڻهو پڙڻ جي بدران ڳائڻ ئي چاهي ٿو.
جيئن اسان راڳ کي ” آوازن جي تنظيم“ سمجهون ٿا، تيئن هڪ عرب مصنف شعر کي ”لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪري ڄاڻايو آهي، يعني ته هو انهيءَ نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته هر مصرع ترنم جي خصوصيت جو هجڻ شعر جو هڪ لازمي جز آهي. بس! دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ اها پهرين ڪسوٽي آهي. ڪو به انهن کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي پنهنجو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو.
ممڪن آهي ته ڪو مختلف شاعرن جي ڪلام جي ضخامت جي حجت اٿاري، پر انهيءَ ڏس ۾ به لطيف جي ڪلام ذخيرو دنيا جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام جي ذخيرو جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه آهي. سندس رسالي ۾ ڪم و بيش 36 مختلف عنوان آهن ۽ ان مان هر هڪ جا ڪيئي مختلف داستان آهن. انهيءَ لحاظ سان به، سواءِ شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي، ٻين ڪن ٿورن شاعرن جي ڪلام جو ذخيرو سندس ڀيٽ ۾ اچي سگهندو.
ٻيو معيار: ٻيو معيار، جو موجوده دؤر جا وڏا وڏا نقاد شعر کي پرکڻ لاءِ تسليم ڪن ٿا، سو هيءُ آهي ته: آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪو به اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو؟ جو انهيءَ تبديلي سان مصرع کي زياده مؤثر يا فصيح بڻائي سگهي، يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي؟.
هڪ ڀيري جڏهن بين جانسن (Ben Johnson) کان پڇيو ويو ته هو پنهنجي نظم جي ڏهن کان به زياده دفاع تصحيح ڪري ٿو، جڏھن ته شيڪسپيئر ڪڏهن به پنهنجي شعر جي ٻيهر اصلاح ڪانه ڪئي، تڏهن جواب ڏنائين ته سندس خيال موجب بهتر ٿئي ها جيڪڏهن شيڪسپيئر ويهه دفعا پنهنجي شعر جي اصلاح ڪري ها. مگر انهيءَ هوندي به زمانو شاهد آهي ته سندس اهو نظم، جنهن جي ڏهه دفعا تصحيح ڪئي وئي آهي، ان ۾ اڃا به اصلاح جي گنجائش باقي آهي، پر شيڪسپيئر جون في البديهه چيل مصرعون اصلاح کان بالاتر آهن ۽ انهن مان گهڻن ۾ ڪنهن به هڪ لفظ جي ڦير گهير سڄي مصرع جي ترنم کي تباهه ڪري ڇڏيندي. بهرحال، اهڙي تبديلي سڌاري جي بدلي نقصانڪار ثابت ٿيندي.
حقيقت ۾ ڪنهن ورلي شاعر جو ڪلام هن معيار تي پورو بيهي سگهندو، پر لطيف جي ڪلام ۾ ته فقط هڪ لفظ جي تبديلي به سڄي لئي ۽ ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي، بلڪہ ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ناقبل برداشت بڻائي ڇڏي ٿي. بس! امڪان نه آهي جو ڪنهن به مصرع ۾ رڳو هڪ لفظ به هٽائي يا مٽائي سگهجي. سندس سڄو ڪلام انهيءَ لطيف توازن ۽ نزاڪت جو حامل آهي! نه فقط هر هڪ مصرع، پر هر هڪ لفظ ۽ ان جي بيهڪ کي ”هڪ خاص اهميت“ آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪو به شاعر، سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي نقطي نگاه کان، هن پرکا ۾ پورو بيهي نه سگهندو. ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو، پر خود شيڪسپيئر جي به ڪيترين ئي مصرعن کي ترميم بعد بهتر سمجهيو ويو آهي. موجوده يورپي نقادن ڪنهن به شاعر جي شعر کي پرکڻ واسطي اهو ٻيو معيار مقرر ڪيو آهي.
ٽيون معيار: اهي مٿيان ٻه معيار دنيا جي شاعرن جي قطار ۾ ڪنهن به شاعر جي درجي مقرر ڪرڻ واسطي ڪافي آهن. مگر اڃان به ٽيون هڪ آخري، نهايت اهم، ۽ ناگزير معيار آهي، جو ازروءِ جامع تنقيد، نقطعي طور، ڪنهن به شاعر جي درجي قام ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. اهو معيار آهي زبان جو استعمال، جنهن جي ذريعي شاعر پنهنجي خيالات جو اظهار ڪري ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ملٽن پنهنجي جملي ڪلام ۾ انگريزي زبان جا اَٺ هزار لفظ ۽ شيڪسپيئر سورهن هزار لفظن استعمال ڪيا آهن. الفاظ جي صحيح استعمال کي ردڪنار ڪندي به، خيالات جي وسعت کي تورڻ تڪڻ جو هيءُ فقط هڪ طريقو آهي. درحقيقت زبان واري معياري پرک جو اهو (الفاظ جو ڳاڻيٽو) ڪو موزون طريقو نه آهي. سوال آهي ته سورهين صدي واري انگيزي زبان اندر، خيالات جي اظهار جي وسعت جيڪا شيڪسپيئر پيدا ڪئي، انهيءَ کان وڌيڪ وسعت پيدا ڪرڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ ٻين لفظن ۾، معيار آهي زبان ۾ وڌ کان وڌ خيالات جي اظهار لاءِ وسعت پيدا ڪرڻ. سواءِ شيڪسپيئر جي ٻئي ڪنهن شخص جي نه وهم گمان ۾ ۽ نه امڪان ۾ ئي هو ته ايلزبيٿ جي دؤر واري انگريزي ٻوليءَ ۾ اهي خيالات اظهار ڪري، جي شيڪسپيئر ڪيا. ڊانٽي ۽ گوئٽي جي حالت ۾ به اهو چوڻ صحيح ٿيندو. پر سواءِ شيڪسپيئر جي، ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ واري جنهن منزل کي هو پهتا، سا نسبتاً گهڻو گهٽ هئي، بمقابله انهيءَ ارڙهينءَ صديءَ واري سنڌيءَ زبان جي، جنهن کي لطيف نباهيو، ۽ ويجهايو ۽ وڌايو. ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نٿو اچي ته لطيف واري زبان ڪا انهيءَ دؤر ۾ سنڌ اندر ڳالهائي ويندي هئي! سنڌي، جا وڌ ۾ وڌ هڪ صوبائي محاوري جي منزل تي هئي، سا شاهه جي هٿن ۾ هڪ نهايت گرانمايه ۽ وسيع ترين ٻولي بڻجي پئي، ايترو جو اسين نه سڃاڻي ٿا سگهون، نه ڪي سمجهي ٿا سگهون ته سندس زبان ڪا اها ساڳي سادي صوبائي ٻولي آهي. تنهنڪري انهيءَ ناگزير معيار مطابق به، جو يورپ جي وڏن نقادن ” آخري معيار“ تسليم ڪيو آهي، ڪاميابيءَ جو سهرو لطيف جي سر تي ئي آهي.
”پَرُ نهين، پاوَر نهين، پهچ نهين پِي دور“
انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ تحت هتي اچڻ سترهين صديءَ جي پهرين ئي ورھيه يعني 1600ع ۾ ۽ فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھ، سرڪار ڀٽائيءَ جو گنج جيڪو شاھ جي رسالي جو پهريون هٿ اکري مجموعو سامهون آندو هو اهو ارڙهين صديءَ جي آخري ورھين يعني 1793ع ۾. ان گنج ۾ هندي بيراڳ نالي هڪ سر به آهي جنهن ۾ جوڳي، سامين، سنتن جا بيت ملن ٿا. انهن بيتن ۾ هي به هڪ بيت آهي جنهن ۾ انگريزيءَ جو لفظ پاور (Power) ڏاڍي سھڻي نموني سان ڪتب آندل آهي.[8]
لفطيف پنھنجي شاعري ۾ بنا ڪنھن مذھبي مت ڀيد جي رڳو سنڌ جي حقيقي ڪردارن کي ڳايو آھي
مومل گُجر ھندو ھُئي، راڻو مينڌرو سوڍو ھندو ھُئو، سسئي ٻانڀڻ ھندو ھُئي، لاکو ڦُلاڻي ھندو ھُئو، ڄام جادم جکرو ھندو ھُئو، ڄام سپڙ سمون ھندو ھُئو، سورٺ راءِ ڏياچ ھندو ھُئا، ڄام راول جاڙيجو ھندو ھُئو، ڄام ابڙو جاڙيجو ھندو ھُئو. ماروي پنھور ھندو ھُئي، راڻو امر سومرو ھندو سوڍو ھُئو. راڻو ھمير سومرو ھندو سوڍو ھُئو. پاڻ کي باھ ۾ ساڙڻ (ستي ٿيڻ) جي رسم صرف راجپوت ھندن ۾ ھوندي آھي، سنڌ جي شھزادي ٻاگهُل ٻائي بہ ستي ٿي ھُئي. لطيف رڳو سنڌ جي حقيقي ڪردارن کي ڳايو آھي. لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪنھن بہ عربي، افغاني، ايراني، ترڪي، ھندوستاني مسلمان بادشاھ جي ساراھ نظر نه ايندي. ويڙھي جهپ جي ھندو آشرم کان ھنگلاج ماتا جي ھندو مندر تائين شاھ لطيف پيرين پنڌ سفر ڪيا هئا. [9]
عرس
ھر سال ٽن ڏينھن جو عرس مزار تي چادر ۽ گل چاڙھي، ڀٽ شاھ تي سندس مزار تي ملھايو ويندو آھي،[10] جنھن ۾ مشاعرو، لطيف ادبي گڏجاڻي (ڪانفرنس)، سُگھڙ ڪچھري، راڳ رنگ محفل ۽ ٻيون سرگرميون ٿينديون آھن.[11] سندس عرس تي سنڌ سرڪار عام موڪل جو اعلان ڪندي آھي.[12] عرس جي آخري ڏينھن تي شاھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويندا آھن.
پڻ ڏسندا
- شاھ جو رسالو
- شاھ جو رسالو ترتيب: ڪلياڻ آڏواڻي
- شاھ جو عالمي شاعرن ۾ مقام - علامہ آء آء قاضي
- شاھ جو رِسالو. تحقيقي رِٿا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
حوالا
- ↑ http://www.wichaar.com/news/272/ARTICLE/15870/2009-08-22.html
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2021-11-06 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-11-06
- ↑ Life Of Shah Abdul Latif Bhitai. 1980. https://archive.org/details/lifeofshahabdullatifbhitai/page/n19/mode/2up.
- ↑ Jotwani, Motilal Wadhumal (1996) (en ۾). Sufis of Sindh. Publications Division, Ministry of Information and Broadcasting, Government of India. ISBN 978-81-230-0508-9. https://books.google.com/books?id=P9M7AAAAMAAJ.
- ↑ Burton, Richard F. (1851). Sindh, And The Races That Inhabit The Valley Of The Indus, With Notices Of The Topography And History Of The Province. https://archive.org/details/in.ernet.dli.2015.22744.
- ↑ "شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-06.
- ↑ سومرو احمد، “شاھ لطيف جي ڪردارن جو نفسياتي اڀياس”، ڪراچي
- ↑ شاھ لطيف جو گنج، مٿيون مواد اَمر فياض ٻرڙي طرفيل ڳوھيل آندل آھي
- ↑ محقق: ڊاڪٽر برڪت نونارِي
- ↑ www.sindhpost.com.pk https://www.sindhpost.com.pk/276th-urs-of-great-sufi-saint-shah-abdul-latif-bhittai-begins-tomorrow/amp/. حاصل ڪيل 2019-10-14. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ version, sindhpost sindh. "شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو عرس سڀاڻي کان شروع ٿيندو". Sindh Post. حاصل ڪيل 2019-10-14.
- ↑ "Holiday announced for Shah Abdul Latif urs in Sindh". The Nation. حاصل ڪيل 2019-10-14.