مواد ڏانھن هلو

کيرائين واٽ ڪهڪشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون فلڪيات تي آهي. ٻين استعمال جي لاءِ ڪهڪشان (سلجهائپ) ڏسو.

کيرائين واٽ، مِلڪي ويَ (Milky Way) يا کير پَٽي ڪهڪشان (اهي لفظ لاطيني لفظن Via Lactea جو ترجمو آهن، جيڪي وري يوناني لفظن Γαλαξίας تان ورتا ويا آهن) هڪ پٽيدار گھنڊيدار ڪهڪشان آهي، جيڪا ڪهڪشائن جي مقامي جهڳٽي جو حصو آهي. جيتوڻيڪ اها مشاهدائتي ڪائنات ۾ اربين ڪهڪشائن مان هڪ آهي، پر جيئن ته اها اسان جي گرهه ڌرتيءَ جو گھر آهي، تنهن ڪري انسانذات وٽ ان ڪهڪشان جي خاص اهميت آهي. کيرائين واٽ ڪهڪشان جو سنواٽو رات جو آسمان ۾ تجلي جي پٽيءَ جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. تجلن جي ان ظاهري پٽيءَ ڪري ئي کيرائين واٽ ڪهڪشان تي اهو نالو پيو آهي.

اسان جو هي سنسار اڻکٽ (اَکُٽُ) آهي. ڄاتل سنسار ۾ کربين کير پٽا (تارن جا جهڳٽا) يا ڪهڪشائون آهن. هر ڪهڪشان جو قدبت ۽ بيهڪ پنهنجي قسم جي آهي. هر کير پٽي ۾ کربين تارا آهن. اسان جو سج به هڪ تارو آهي، جيڪو اسان جي کير پٽي، کرائين واٽ يا مِلڪي ويَ ۾ موجود آهي. اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان جي شڪل ڪيئن آهي؟ اچو ته سمجهون.

ڦٽاڪا ته شايد اسان سڀني ٻاريا / ٻرندي ڏٺا هوندا. انهن ۾ ٻارن لاءِ وڌيڪ وڻندڙ ڦٽاڪي جو نالو آهي چڻگائي-تيلي (ڦلجڙي) ۽ ٻي جو نالو وِڇون (ڀَٽون) آهي. کائڻ وارين مِٺايُن ۾ وري ڪيترن ئي ماڻهن کي جِليبِي ڏاڍي وڻي ٿي. اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان جي شڪل گهڻي قدر جليبي جيان آهي، جليبي ۾ مٺاڻ جا ذرا آهن، پر کير پٽي يا کيرائين واٽ ڪهڪشان ۾ تارا آهن، ڪي سج کان ننڍا ته ڪي ان کان به وڏا. وڇون (ڀٽون) کڻي ان جي وچ ۾ تيلي (سرائي) ڏئي، کيس باهه ڏيو، توهان ڏسندا ته هزارين چڻنگون ڇڏيندو، ٻرندو ۽ سرائي يا تيليءَ جي چوڌاري ڦرندو ويندو. اسان جو کير پٽو به لڳ ڀڳ ايئن آهي، پر منجهس چڻگن بدران تارا آهن. چڻگائي تيلي ٻاري ان جي سِيخ (تارَ، ڏانڊِيءَ، سرائيءَ) کي ٻن آڱرين ۾ جهلي اهڙيءَ طرح مَهٽو ڏيو، جيئن اها ڦِري. ان جون چڻگون به ڦيري مهل جليبيءَ جهڙي شڪل ٺاهينديون. پر اسان جو کير پٽو يا مِلڪي وَيَ هوبهو چڻگن واري جليبيءَ جيان ناهي.

ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائِي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج منڊل وري کيرائين واٽ ڪهڪشان جي وچ (مرڪز، سَرائِيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200 لک سال لڳي وڃن ٿا.

سج 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان واري ڪهڪشان يعني کيرائين واٽ (Milky way) جي مرڪز جي چوڌاري چڪر هڻي ٿو. سج ان مرڪز کان 26000 نوري سالن جي مفاصلي تي ڦري ٿو ۽ جيئن اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿي، تيئن سج کي ڦيرو ڪرڻ ۾ اڍائي سؤ ملين سال لڳن ٿا. ساڳي وقت سج پنهنجي محور تي به گول ڦرندو رهي ٿو. ڌرتي پنهنجي چوڌاري اهو ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿي، پر سج جنهن جو قطر (Diameter) ڌرتيءَ کان سؤ ڀيرا وڏو آهي ۽ تور ۾ ڌرتيءَ کان 330،000 ڀيرا ڳرو آهي، ان جو وچيون (Equatorial) حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو ۽ مٿيون ۽ هيٺيون حصو 36 ڏينهن ۾! ڪيترا اهو ئي سوچيندا ته اهو ڀلا ڪيئن؟ سج جي گول بال جو ڪجهه حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪريو وٺي ته ڪجهه حصو 11 ڏينهن وڌيڪ لڳايو ڇڏي! اهو ان ڪري جو ڌرتي يا چنڊ وانگر سج هڪ Solid کينهون يا بال ناهي، پر گئس جو ڦورو آهي. سج هائڊروجن ۽ هيليم گئس جو وڏو بال آهي، جيڪي گئسون لڳاتار ٻرنديون رهن ٿيون.[1]

سڄي کير پٽي يا کيرائين واٽ ڪهڪشان ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا يا واٽون آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس يا واٽ سڏيون ٿا. جنهن گس ۾ اسان جو سج سرشتو يا سِج منڊل (نظام شمسي) آهي، اهو اسان اونهاري جي رات جو اُڀ ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا. چوَن ٿا ته اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان اڃا به ڪنهن مَها ڪهڪشان جو حصو آهي ۽ ان جي مرڪز چوڌاري ڦِري يا چڪر هڻي ٿي.

فلڪيات جي ماهرن مطابق اسان جي کيرائين واٽ، مِلڪي ويَ يا کير پَٽي ڪهڪشان ۾ اٽڪل 250 بلين تارا آهن ۽ ماهر فلڪيات وارن جي هڪ اندازي مطابق ان جهڙيون هڪ سؤ بلين ڪهڪشائون هن ڪائنات ۾ موجود آهن. ان حساب سان جيترا ريتيءَ جا ذڙا هن دنيا ۾ موجود آهن ان کان وڌيڪ آسمانن ۾ تارا آهن. [2]

ملڪي وي ڪھڪشان چپٽيل ناهي پر ڪنارن کان هيٺ مٿي ڏوڙ کاڌل آهي.

عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو هيو تہ ملڪي وي ڪهڪشان ڪنھن وڏي پليٽ جيان سڌي Flat آهي پر چين جي خلائي ايجنسي پاران ملڪي وي جي ڪنارن تي موجود ستارن ۽ هائيڊروجن جي ڪڪرن جو تفصيلي سروي مان دريافت ڪيو تہ مرڪز جي ويجھي ملڪي وي ڪهڪشان فليٽ آهي پر جيئن جيئن اوهان مرڪز کان پري ويندا ملڪي وي جي ستارن ۽ هائيڊروجن جا ڪڪر هڪ ئي سڌ ۾ ناهن رهندا پر مقامي اثرن جي هيٺ سڌ کان مٿي يا هيٺ ٿي ويندا آهن. ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھي ڇوجو گھڻا ستارا آهن جيڪي تيزي سان گردش ڪري رهيا آهن ان ڪري اتي ماديء جي گهاٽائي گھڻي آهي ۽ تقريبن سڀ ستارا هڪ ئي سڌ ۾ مرڪز خلاف گهمي رهيا آهن پر ڇوجو مرڪز کان پري ماديء جي گهاٽائي گھٽ ٿي ويندي آهي ۔ ان لاءِ معمولي کن فاصلي سان بہ ستارا ۽ هائيڊروجن جا ڪڪر ملڪي وي جي سڌ کان هٽي وڃن ٿا ان جو نتيجو اُهو آهي تہ ملڪي وي جي سڌ گھڻي وڏي ايس جي شڪل ۾ آهي

حوالا

[سنواريو]
  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-01 
  2. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27